آذر ناياب بدايوني

آذر ناياب بدايوني

آذر ناياب بدايوني

آذر ناياب بدايوني: سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جو شاعر، مترجم ۽ قانوندان آذر ناياب جو اصل نالو غلام حامد حيدر ولد افضال حسين صديقي هو. هُو 5 جولاءِ 1928ع تي ڀارت جي شھر بدايون جي قاضي ٽولا محلي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم کان هاير سيڪنڊري تائين بدايون ۾ پڙهيو. آگره يونيورسٽي مان بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. هي خاندان ورهاڱي کان اڳ ئي خيرپور ۾ اچي رهائش پذير ٿيو هو، جتي سندس مامو ميرن وٽ ملازم هو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي انگريزي ۽ ڪراچيءَ مان بي. ٽي توڙي ايل ايل بيءَ جون سندون حاصل ڪري استاد مقرر ٿيو. سنڌ جي مختلف شھرن ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏيندي رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمنٽ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي.1940ع کان منشي تمنا حسين بدايوني جي صحبت ۾ اردو ۽ فارسيءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، حافظ ظھور احمد بدايوني ۽ ڄام نوائي بدايوني کان به شاعريءَ ۾ اصلاح ڪرائيندو هو. 1954ع کان سنڌيءَ ۾ شاعري شروع ڪئي ۽ طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. ڪيترن ئي ادبي رسالن ۾ سندس سنڌي ۽ اردو ڪلام ڇپيل آهي. هن جي سنڌي ڪلام جو مجموعو ”جهلڪيون“ جي نالي سان ”نقش ناياب منگي ۽ غلام رسول ميمڻ“ مھراڻ پبليڪيشن سکر طرفان 1978ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 1979ع ۾ سندس ٻه انگريزي ڪتاب ”مھراڻ ليٽر رائيٽنگ“ ۽ ”ماڊرن ميٿڊس آف ٽيچنگ“ ڇپجي پڌرا ٿيا، جيڪي شاگردن ۽ استادن لاءِ مفيد ثابت ٿيا. ”اصلاح سخن“ جي نالي سان سندس اردو ۽ فارسي ڪلام جو مجموعو اڻ ڇپيل رهجي ويو. ان کان علاوه هن ايلسا قاضيءَ جي نثري نظمن جو رُباعي جي صورت ۾ سنڌي زبان ۾ منظوم ترجمو، شيخ اياز جي ڪتاب ”جنم جي جيت اياز'>جنم جنم جي جيت اياز“ جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو.آذر ناياب صديقي 2 اپريل 2004ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس سنڌي ۽ اردو ڇپيل ڪلام کي حسيب ناياب منگي سھيڙي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.07.05  عيسوي

آذر ناياب بدايوني 5 جولاءِ 1928ع تي ڀارت جي شهر بدايون جي قاضي ٽولا محلي ۾ پيدا ٿيو.


2004.04.02  عيسوي

آذر ناياب صديقي 2 اپريل 2004ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنوير شاهه محمد زئي
پريل سومرو
جاگيراڻي سرتاج
انعام ٽکڙائي
شريڪانت صدف
حمل فقير 1
تنها اصغر
امر سنڌو
ٺٽوي امام بخش شاهه فدوي
صفي الله فدا علوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون